پنراج گڍ

پنراج گڍ (ڳڙهه): هيءُ قلعو تعلقي ننگرپارڪر ۾ واقع ڪارونجهر جبل ۾ پراڻي آسٿان ساڙڌري کان ٿوري فاصلي تي ڊٺل حالت ۾ موجود آهي. هي قلعو ان وقت جي پارڪر جي سوڍي حڪمران پنراج، دشمنن کان بچاءَ لاءِ ٺهرايو هو. هڪ روايت موجب جڏهن گجرات جي حاڪم احمد شاهه پارڪر تي چڙهائي ڪئي ۽ پارڪر جي سُوراچند ڳوٺ کي گهيرو ڪيو هو ۽ سُوري چارڻ کي چيو هو ته ”هلي راڻو ڏيکار، نه ته تنهنجو سِر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو“. سُورو چارڻ اجازت وٺي، پنراج وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس ته: ”جيڪڏهن راجپوت آهيو، ته مون کي بچايو ۽ هلي لشڪر اڳيان حاضر ٿيو.“ ان تي پنراج، سوري چارڻ کي چيو ته ”منهنجو سِرُ وڃي حاڪم احمد شاهه کي ڏي، پر آءٌ حاضر ٿي نٿو سگهان.“ ان قصي تي هڪ دوهو به چيل آهي:
ڦـڳڻ مـاس، ورس اٺانـو، تِٿ تيرَس ٻُڌ وار،
سيـنڌل سـر سـماپتيو، پُڃ ڌاري پنراج.


هن صفحي کي شيئر ڪريو